ورلڊ ڪپ ۾ بابر اعظم کي شينهن جيان نظر اچڻ گهرجي: شاهد آفريدي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ )  قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي بابر اعظم کي ڀارت ۾ شينهن جيان نظر اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو .

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيوته بابر اعظم مسلسل ٽن سالن کان پاڪستان ٽيم جي ڪپتاني ڪري رهيو آهي، بابر جي ٽيم ۾ ڪيئي سالن کان گهڻي قدر اِهي ئي ڇوڪرا کيڏي رهيا آهن، مون کي نٿو لڳي ته بابر جي ٽيم ۾ گهڻي تبديلي آئي هوندي.

هن چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته عالمي ڪپ ميچن ۾ بابر سميت سموري ٽيم تي دٻاءُ هوندو پر اسان کي سمجهڻو پوندو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ دٻاءُ جي راند آهي.

هن چيو ته  قومي ٽيم ايشين وڪيٽن تي ورلڊ ڪپ نه کٽيندي ته ڪٿي کٽيندي.

شاهد آفريدي چيو ته ڀارت جون وڪيٽون بيٽنگ لاءِ سازگار هونديون آهن، قومي ٽيم ايشين ڪنڊيشن ۾ ورلڊ ڪپ نه کٽيندي ته ڪٿي کٽيندي؟ .

هن چيو ته عالمي ڪپ لاءِ بهترين اسڪواڊ چوندي وئي آهي، اسڪواڊ ۾ هڪ ڦيرڦار ڪري زمان خان کي ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي.

اڳوڻي ڪپتان چيو ته فخر زمان وٽ پورو ورلڊ ڪپ آهي ۽ هو رنسون ٺاهيندو جڏهن ته شاداب خان ۽ اساما مير جي ڪارڪردگي اهم هوندي.

شاهد آفريدي وڌيڪ چيو ته آسٽريليا خلاف وارم اَپ ميچ ۾ قومي ٽيم کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي، پهرين ميچ ۾ جن رانديگرن کي آرام ڏنو ويو انهن کي هاڻي موقعو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.