ورلڊ ڪپ: حسن علي جو سهرو پاڪ-ڀارت ٽاڪري لاءِ آتو، وڏي بيان ڏئي ڇڏيائين

آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ فاسٽ بالر حسن علي جو سهرو لياقت خان احمد آباد ۾ پاڪ-ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ آتو آهي.

حسن علي جو سهرو لياقت خان پنهنجي ڏوهٽيءَ سان  ميچ جي موقعي تي ملڻ جو منتظر آهي، هو پنهنجي ڏوهٽيءَ کي پهريون ڀيرو هنج ۾ کڻن لاءِ ميچ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي.

لياقت خان جو تعلق هرياڻا رياست جي ضلعي نوح سان آهي هو رٽائرڊ ڊيولمپمينٽ آفيسر آهي، حسن علي ۽ سامعا سان جي شادي 2019ع ۾ دبئي ۾ ٿي هئي پر سامعا شادي کانپوءِ هينئر تائين ڀارت ناهي وئي.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت خان چيو ته ڏوهٽي جي پيدائش جي موقعي تي سندس گهرواري 2021ع ۾ پاڪستان وئي هئي، اسان کي اميد آهي ته اسان سڀ احمد آباد ۾ ملاقات ڪنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته حسن علي سان شادي لاءِ مون پنهنجي ڌيءَ جي فيصلي تي شڪ جو اظهار نه ڪيو هو، مون ڌيءَ کي چيو هو ته جيڪڏهن هوءَ خوش آهي ته ان سان فرق نٿو پوي ته ڪنهن سان شادي ڪري رهي آهي.

لياقت خان چيو ته هر ڏينهن پاڪ-ڀارت جي سٺن لاڳاپن جي لاءِ دعا ڪندو آهيان، منهنجي الله کي اِها ئي گذارش آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا بهتر ٿين ۽ اسان ڀائرن جيان امن ۾ رهي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.