غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ سڀني پرڏيهين کي ملڪ بدر ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو.
ذريعن موجب ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحٽ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين بابت اهم فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ سمورن پرڏيهي کي ملڪ بدر ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ رڳو ”پروف آف رجسٽريشن“ وارا افغان پناهگير رهڻ جا اهل هوندا، جڏهن ته باقاعده قانوني ويزا وارا افغان شهري به پاڪستان جو سفر ڪري سگهندا.
ذريعن موجب پاڪستان ۾ غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ حتمي ڊيڊ لائن ڏيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورا غير قانوني پرڏيهي ڊيڊ لائن تائين سمورا اثاثا کپائي پنهنجي وطن واپسي جا پابند هوندا، ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ تي پرڏيهي کي ملڪ بدر ۽ ملڪيتون ضبط ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.