”ايشيا ڪپ ۾ ڀارت هٿان شڪست بعدپاڪستان دڳ تان ٿڙي ويو “

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم بورڊ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته پي سي بي جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ تي هن کي خدشا آهن پر هو ان فيصلي ۾ شامل نه آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مصباح الحق چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ غلطي جي گنجائش نه آهي، هر ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻي پوندي، فخر زمان جو آئوٽ آف فارم هجڻ پريشان ڪندڙ آهي.

هن چيو ته پاڪستان ٽيم ڏکيائين جو شڪار آهي، ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ هارائڻ کانپوءِ مسئلا پيدا ٿيا، واپس ٽريڪ تي اچڻ لاءِ خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.

هن چيو ته عالمي ڪپ ۾ ڀارت خلاف ميچ کان اڳ ٻئي ميچون تمام گهڻو اهم آهن، جيڪڏهن پاڪستان ٻنهي ميچن ۾ هيٺ مٿي ٿيو ته دٻاءُ واري صورتحال هوندي، هر ٽيم جو پنهنجو طريقيڪار هوندو آهي جيڪڏهن اسڪو ربورڊ تي 350 آهي ته ميچ کٽڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.