جنيوا(مانيٽرنگ ڊيسڪ ) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪارڪن رياستي تشدد جو نشانو بڻجي رهيا آهن. عالمي اداري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن مان هڪ آهي، جتي رياستي ۽ غير رياستي عملدار انساني حقن جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان انهن 40 ملڪن ۾ شامل آهي جتي 220 ماڻهن ۽ 25 کان وڌيڪ انساني حقن جي تنظيمن کي گڏيل قومن سان سهڪار ڪرڻ تي ڌمڪيون ۽ جوابي ڪارروائين جو سامنا آهي.
انساني حقن جي ڪارڪنن رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي، جڏهن ته حڪومت ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پيش ڪئي وئي، جيڪا 6 آڪٽوبر تائين جاري رهندي، جنهن ۾ 2023ع تائين جا واقعا بيان ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن جي نگراني ۾ واڌ جو انڪشاف ڪيو ويو، انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وئي ۽ سفري پابنديون لاڳو ڪيون ويون. ڪجهه ڪارڪنن کي سزا پڻ ڏني وئي.
ادريس خٽڪ، اسماعيل گلائلي ۽ سمي دين بلوچ جي چاچو به نشانو بڻيا. ڊي ڊبيلو موجب انساني حقن جي ڪارڪنن گڏيل قومن جي ان رپورٽ جي آجيان ڪئي آهي.
پاڪستان جي صوبي بلوچستان ۾ جبري گمشدگين خلاف ڪم ڪندڙ ڪارڪن سميع دين بلوچ جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي آواز اٿارڻ تمام ڏکيو ڪم آهي.
ان ڪري عالمي ادارن کي ان سلسلي ۾ پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي. بلوچ، پختون، مهاجر، سنڌي ۽ ٻين ننڍين قوميتن جا ماڻهو به انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي شڪايت ڪن ٿا، احمدي، هندو ۽ عيسائي به حڪومت تي تي تنقيد ڪن ٿا.
انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن ادريس خٽڪ کي فوجي عدالت اڳ ئي سندس سرگرمين تي سزا ٻڌائي چڪي آهي. جڏهن ته انساني حقن جي هڪ ٻي ڪارڪن گلالئي اسماعيل جي والدين کي به مبينه طور تي مختلف ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو ڇاڪاڻ ته سندن ڌيءَ پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت ڪيترن ئي عالمي فورمن تي آواز اٿاريندي رهي آهي.
هوڏانهن ترجمان بلوچستان حڪومت چيو ته پاڪستان ۾ اولهه کان وڌيڪ اظهار جي آزادي آهي. اين جي اوز تي بندش ناهي.