لاهور (عوامي آواز نيوز) 9 مئي واقعن ۽ حملن ۾ ملوث جوابدارن جا ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ 3 فوجي ڪورٽون قائم ٿي ويون آهن.
نامياري صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته جملي 3 فوجي ڪورٽون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان هڪ ڪورٽ ۾ ڪرنل ويهندو.
باقي ٻن ڪورٽن ۾ ميجر ويهندا، جوابدارن جا ڪيس تيزيءَ سان هلندا. جن جوابدارن جا چالان پيش ٿي چڪا آهن، اول انهن جا ڪيس هلندا. جن جا اڃا حتمي چالان پيش نه ٿيا آهن، انهن جا ڪيس بعد ۾ هلندا جن ۾ عمران خان ۽ ٻيا شامل آهن.
9 مئي حملن جو ماسٽر مائينڊ ته جي آءِ ٽي جاچ ۾ عمران خان کي قرار ڏنو ويو آهي پر اڃان حتمي چالان پيش نه ٿيو آهي، ان ڪري عمران خان ۽ ٻين جا ڪيس بعد ۾ فوجي ڪورٽن اندر هلندا.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 03 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي