اسلام آباد ۾ آباد اٽڪل 6 هزار افغاني غائب

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ موجود غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ کانپوءِ غيرقانوني طور آباد افغاني مختلف طريقن سان ٻهراڙين ۽ شهرن جي ڪچين آبادين ۾ پناهه وٺڻ شروع ٿي ويا آهن.
صحافي زنيرا ماهم موجب ادارن جي رپورٽ آهي ته اسلام آباد مان اٽڪل 6 هزار افغاني  اوچتو غائب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچيءَ جي شهري علائقن مان به غيرقانوني طور آباد افغاني غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن.

رپورٽ موجب  ڪجهه افغاني ته پاڻمرادو افغانستان وڃي رهيا آهن پر اڪثر افغاني ڳتيل ڪچين ابادين ۽ ڳوٺن ۾ لڪي ويا آهن.

هوڏانهن غيرقانوني طور آباد پرڏيهين کي واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏنل هڪ مهيني جي مهلت ختم ٿي رهي آهي. جنهن کانپوءِ وٺ پڪڙ شروع ٿيڻ واري آهي ان کان بچڻ لاءِ افغاني ٻهراڙين ۽ ڳتيل آبادين ۾ پناهه وٺڻ شروع ٿي ويا آهن، پر ڳجها ادارا به ان حوالي سان چوڪس ٿي ويا آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 03 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.