سنڌ حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت غير قانوني پرڏيهين جي ڏيهه واپسي لاءِ اهم قدم کڻندي صوبائي، ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي عملدرآمد ڪميٽيون قائم ڪري ڇڏيون.
صوبائي گهرو کاتي غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي لاءِ ٽن ڪميٽين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا، جنهن موجب پرڏيهي جي واپسي ڪميٽي جو ڪنوينر گهرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب ڊويزنل ڪميٽي جو ڪنوينر ڪمشنر ۽ ضلعي ڪميٽي جو ڪنوينر ڊپٽي ڪمشنر هوندو، جڏهن ته عملدرآمد ڪميٽي ۾ پوليس، ڪور هيڊ ڪوارٽر، آءِ بي، نادرا، ايف آءِ اي، آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ افغان پناهگيرن بابت ڪمشنر جا نمائندا شامل آهن.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪميٽيون غير رجسٽرڊ پرڏيهين جي ڊيٽا گڏ ڪنديون ۽ انهن جي ملڪ بدري ۽ آمد روڪڻ لاءِ قدم کڻڻ جون ذميوار هونديون، اهي ڪميٽيون صوبائي سرحدن ۽ شهري علائقن ۾ پرڏيهين جي روڪٿام جي معاملن جي نگراني به ڪنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.