ڪنڌڪوٽ: صحافي جي پٽ سميت ٻه ڄڻا اغوا

ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڳوٺ هيبتٿ خان باجڪاڻي ڌاڙيل صحافي جي پٽ سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربند نجي ٽي وي جي رپورٽر غفار گل منگي جي سيلون تي ڪم ڪندڙ پٽ نصيب اللّٰه منگي ۽ سندس سالي معشوق علي منگي کي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا جڏھن ته عادل منگي کي لٺيون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيسي داخل ناهي ٿي سگھيو.

مغوين جي وارثن ۽ صحافين نگران سنڌ حڪومت کان ٻنهي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.