اوور فورٽي گلوبل ڪپ: پاڪستان، ويسٽ انڊيز کي هارائي چيمپيئن بڻجي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اوور 40 گلوبل ڪرڪيٽ چيمپيئن جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو، گرين شرٽس فائنل ۾ ويسٽ انڊيز کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي فتح پنهنجي نالي ڪئي.

تفصيل موجب، پاڪستاني ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي ويس انڊيز کي کٽڻ لاءِ 329 رنسن جو هدف ڏنو، جنهن جواب ۾ ويسٽ انڊين ٽيم 176 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پاڪستان 152 رنسن جي وڏي مارجن تان فتح حاصل ڪري ورتي.

عبدالقادر جي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ويسٽ انڊيز اوور 40 جي ڇهن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو، ٽورنامينٽ ۾ 28 وڪيٽون حاصل ڪري هو ٽاپ بالر بڻيو.

پاڪستان طرفان مصباح الحق شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيانوي بالن تي 106 رنسن جي اننگز کيڏي، سندس اننگز ۾ ڇهه چوڪا ۽ ست ڇڪا پڻ شامل هئا.

انکانسواءِ حسن رضا 68، عبدالقادر 38 رنسن جي اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.