ڊالر وڌيڪ ڪمزور، رپئي جي اڏام جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جو اگهه گهٽجڻ جو سلسلو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي، جنهن کانپوءِ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ڏيڍ مهيني جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو.
ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو اگهه وڌيڪ 98 پئسا گهٽيو، جنهن کانپوءِ ڊالر 286 رپين 76 پئسن جو ٿي ويو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ به ڊالر سستو ٿيو آهي، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 50 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ 286 رپين 50 پئسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.