اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي توهان کي قرض فري پاڪستان کپي ته انقلابي تبديليون آڻڻيون پونديون، جڏهن به اسان کي حڪومت ملي ته پهريون حملو وياج جي نظام خلاف ڪنداسين.
اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ سيمينار سان خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسان کي پنهنجي معيشت مضبوط بڻائڻي پوندي، پاڪستان کي ترقي يافته بڻائڻ ۾ بزنس ڪميونٽي ئي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
هن چيو ته چوري، مس مئنيجمينٽ ۽ ڪرپشن سبب ادارا تباهه ٿي ويا آهن، ملڪ ۾ روز 5 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، اڄ اسان جو بنيادي مسئلو اهو ئي آهي ته ڪرپشن کي ڪيئن ڪنٽرول ڪيون؟
Next Post
You might also like