انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن کي وڏو رليف ملي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ انڪم ٽيڪس گوشوارا 31 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.
فيڊر ل بورڊ آف روينيو کان انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن کي وڏو رليف ملي ويو، انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي.
ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا 31 آڪٽوبر تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا، اهو فيصلو ٽيڪس بار ۽ واپاري تنظيمن جي درخواست تي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.