نواز شريف ڏيهه واپسيءَ جي ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف ڏيهه واپسيءَ لاءِ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي، هو 21 آڪٽوبر تي شام 6 لڳي 25 منٽن تي لاهور ايئرپورٽ لهندو.
ن ليگ قائد نواز شريف 4 سالن کانپوءِ نيٺ پاڪستان واپسي جي ٽڪيٽ ڪٽرائي ڇڏي آهي، اڳوڻو وزيراعظم 21 آڪٽوبر تي پاڪستان ايندو.
نواز شريف 21 آڪٽوبر تي لنڊن کان ابو ظهبي ايئرپورٽ تي لهندو ۽ ان ئي ڏينهن ابو ظهبي کان پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.
نواز شريف نجي ائير لائن جي اڏام 243 جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائي آهي، نجي ايئر لائن جي بزنس ڪلاس مان ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي وئي.
نواز شريف علامه اقبال ايئرپورٽ لاهور تي شام 6 لڳي 25 منٽن تي لينڊ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.