ڪراچي جي موسم بابت اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي ماهر ڪراچي ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
سخت گرمي کان پريشان ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته اتر کان هلندڙ هوا جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي.
هن ٻڌايو ته شهر ۾ ڏکڻ اولهه کان هوائون گهلي رهيون آهن ۽ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 38 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته سڀاڻي کان گرمي پد وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ موسم بهتر رهندي پر برسات جو ڪو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.