ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڏکيا ۽ وڏا فيصلا ڪندس: ذڪاءَ اشرف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف ورلڊ جي پرفارمينس ڏسي مستقبل ۾ ڏکيا ۽ وڏا فيصلا ڪندو جڏهن ته بنا پرفامينس جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ٽن سالن تائين نه هلندو.

هڪ انٽرويوءَ دوران پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه چيو ته مان ڀارت ڪيئن وڃي سگهان ٿو؟ جڏهن ته ڪرڪيٽ شوقين ۽ صحافي ڀارتي ويزائن جو انتطار ڪري رهيا آهن.

ذڪاءَ اشرف اميد ظاهر ڪندي چيو ته ڀارتي سرزمين تي بابراعظم جي قيادت ۾ قومي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.

پي سي بي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو، بابر اعظم ٽيم ۾ ڦيرڦار جي خلاف هو انڪري اسان ائين نه ڪيو.

هڪ سوال جي جواب تي هن چيو ته پاڪستان سپر ليگ مُلڪ ۾ ٿيندي يا ٻاهر صورتحال مطابق فيصلو ڪيو ويندو.

رانديگرن کي پي ايس ايل کانسواءِ 2 ليگز کيڏڻ جي اجازت هوندي، رانديگرن کي اين او سي ڏيڻ جو فيصلو انضمام الحق نه چيئرمين ڪندو، ڪارڪردگي کانسواءِ انضمام الحق جو پٽ قائد اعظم ٽرافي اسڪواڊ ۾ ڪيئن آيو، اِن حوالي سان چيف سليڪٽر کان پڇاڻو ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.