ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن جي خواهشمند شاگردن لاءِ اهم خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ) سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا پاليسي تبديل ڪئي وئي، جنهن تحت قرآن پاڪ جي حافظ شاگردن کي هاڻ واڌو نمبر نه ڏنا ويندا.
پنجاب جي سرڪاري ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلائن جي پاليسي تبديل ڪئي وئي آهي.
پنجاب حڪومت داخلائن لاءِ قرآن پاڪ جي حافظ اميدوارن جا واڌو نمبر ڪاٽي ڇڏيا، اختيارين موجب قرآن پاڪ جي حافظ شاگردن کي هاڻ واڌو نمبر نه ڏنا ويندا.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اهو پي ايم ڊي سي جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، پي ايم ڊي سي اهو قدم سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني بئنچ جي فيصلي کانپوءِ کنيو آهي.
قرآن پاڪ جي حافظ بابت نئين پاليسي تي عملدرآمد هلندڙ سال داخلائن تي ٿيندو، قرآن پاڪ جي حافظ کي 20 واڌو نمبر ڏنا ويندا هئا ۽ اهي نمبر ايف ايس سي جي نمبرن ۾ شامل هوندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.