ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيشنل سونامي سينٽر ڪراچي جي ڊائريڪٽر امير حيدر لغاري زلزلو ماپيندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي (ايس ايس جي ايس) جي اڳڪٿي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
زلزلو ماپيندڙ ريسرچ انسٽيٽيوٽ سولر سسٽم جيوميٽري سروي (ايس ايس جي ايس) چمن (بلوچستان) فالٽ لائن ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ زلزلي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
عالمي اداري موجب بلوچستان ۾ زمين هيٺ چمن فالٽ لائن ۾ تيز چرپر رڪارڊ ڪئي وئي آهي ۽ ان علائقي ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ ڪو طاقتور زلزلو اچي سگهي ٿو، جنهن جي شدت 6 يا ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿي.
ايس ايس جي ايس چمن فالٽ لائن کي انتهائي طاقتور امڪاني زلزلي جو ريجن قرار ڏنو آهي.
عالمي اداري طرفان پاڪستان ۾ زلزلي جي اڳڪٿي کي ڏسندي نيشنل سونامي سينٽر ڪراچي جي ڊائريڪٽر امير حيدر لغاري چيو آهي ته زلزلو ڪڏهن ۽ ڪٿي ايندو، ان حوالي سان ڪا اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي.
هن چيو ته ٻن وڏين پليٽن جون سرحدون پاڪستان جي وچ مان گذرن ٿيون، اهي سرحدون سومياني کان پاڪستان جي اتر علائقي تائين پکڙيل آهن، ان بائونڊري ۾ ڪنهن به هنڌ زلزلو اچي سگهي ٿو، جنهن جي اڳڪٿي ممڪن ناهي.
سندس موجب 1892 ۾ چمن فالٽ لائن تي 9 کان 10 جي شدت جو زلزلو اچي چڪو آهي، جڏهن ته 1935 ۾ چلتن رينج ۾ سخت زلزلو آيو هو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو فوت ٿي ويا هئا، عام طور تي 100 سالن جو عرصو گذرڻ کانپوءِ بائونڊري لائن ۾ ٻيهر زلزلو اچڻ جو امڪان رهندو آهي.
You might also like