اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ وڏو معاهدو طئي ٿي ويو، جنهن تحت پاڪستاني ڪمپنيون سعودي عرب ۾ ڪم ڪري سگهنديون.
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ آءِ ٽي شعبي ۾ سهڪار جو ايم او يو طئي ٿي ويو، معاهدي تي پاڪستان جي آءِ ٽي واري وزير ۽ سعودي عرب جي ڪميونيڪيشن ۽ آءِ ٽي واري وزير صحيحون ڪيون.
ايم او يو تحت پاڪستاني ڪمپنيون سعودي عرب ۾ ڪم ڪري سگهنديون ۽ پاڪستاني ڪمپنيون سعودي شهرين کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت فراهم ڪنديون.
ان حوالي سان آءِ ٽي واري وزير عمر سيف چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون اسٽارٽ اپ ايڪسچينج پروگرام شروع ڪنديون، سعودي عرب جي سهڪار سان چِپ مينوفيڪچرنگ انڊسٽري جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.
هن چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪلز ليٿيم بيٽرين جي پيداوار لاءِ سهڪار کي هٿي ڏني پئي وڃي، ٻئي ملڪ زرعي سيڪٽر ۽ کاڻ کڻڻ جي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيندا.
Next Post
You might also like