سڳيون ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سڪرنڊ سانحي خلاف ريلي

سڳيون(پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ضلعي خيرپور پاران سڪرنڊ جي ڳوٺ ماڙي جلباڻي جي شھيد پورھيتن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سڳيون ۾ احتجاجي ريلي.ريلي شاھي بازار سڳيون  کان ٿيندي   پريس ڪلب  پھتي.ريلي ۾ شامل  اڳوڻن  ماڙي جلباڻي جي شھيدن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي پڻ ڪئي، احتجاجي ريلي جي اڳواڻي ضلعي سيڪريٽري ڪامريڊ صالح سومرو مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ عاشق قريشي فريد سومرو ڪامريڊ سکيو قريشي ڪامريڊ شبير سن ڪامريڊ علي محمد شريف لڪ  ۽ ٻين نوجوانن ڪئي.اڳواڻن چيو ته ماڙي جلباڻي جي ذميوارن کي گرفتار ڪري قانون ۽ آئين مطابق انصاف جون تقاضائون پوريون ڪيون وڃن ۽ سنڌي ماڻھن کي پنھنجي آئيني حقن کان محروم ڪرڻ بند ڪيو وڃي.اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تہ  ڪميونسٽ پارٽي هر ان احتجاج ۽ جدوجھد جي حمايت ڪري ٿي جيڪا امن، انصاف ۽ جائز حقن جي حاصلات لاءِ آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.