ماڙي جلباڻي واقعي خلاف ڪراچي ۾ ٽي تلوار چوڪ تي سنڌ سجاڳي فورم جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن پاران ماڙي جلباڻي واقعي ۾ ملوث اھلڪارن جي گرفتاري ۽ کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ ۽ فيئر جڊيشنل انڪوائري ڪرائڻ لاءِ مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي جوائنٽ  سيڪريٽري زاھد کوسي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڪراچي ڊويزن اڳواڻ سڪندر اوٺي ۽ عبدالغني عاجز جي اڳواڻيءَ ۾ ٽي تلوار ڪلفٽن آڏو بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ھن احتجاجي مظاھري ۽ ميڊيا سان سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ عبدالغني عاجز، ايڊووڪيٽ ماجد گبول، عوامي تحريڪ اڳواڻ ساگر مشتاق، پورھيت مزاحمت اڳواڻ مھراڻ ميمڻ، ۽ شاگرد اڳواڻ عمار دايي چيو ته ماڙي جلباڻي ۾ رينجرز، پوليس ۽ سول ڊريس ۾ ملبوس رياستي ايجنسين پاران عام سنڌي ڳوٺاڻن مٿان سڌيون گوليون ھڻي 5 ڄڻن کي شھيد ڪري ۽ ڪيترن ئي پورھيتن ۽ سنڌي نياڻين کي سخت زخمي ڪري ٽوڙھي ڦاٽڪ ۽ ٽنڊي بھاول وارن واقعن کي دھرايو آھي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جي گُھر ڪيون ٿا ۽ نامعلوم ماڻھن مٿان داخل ڪرايل ايف آءِ آر کي رد ڪري مطالبو ڪيون ٿا هنن چيو ته  ڳوٺ تي حملو ڪندڙ رينجرز ۽ پوليس اھلڪارن جا نالا شامل ڪري مٿن دھشتگردي ۽ قتل جا قلم داخل ڪري کين گرفتار ڪري سخت سخت سزا ڏني وڃي ۽ اھو به مطالبو ڪيون ٿا ته گھرو وزير ۽ ڊي جي رينجرز جي ڏنل بيانن مان اھو واضح ٿي ويو آھي تہ اھو حملو رينجرز ۽ پوليس آعليْ اختيارين جي چوڻ تي ڪيو آھي، ان ڪري گھرو وزير، ڊي جي رينجرز، ايس ايس پي نوابشاھ ۽ حد جي ايس ايڇ او کي ھٽايو وڃي ۽ ان سان گڏ اسان اھو به سمجھون ٿا ته ان واقعي مان اھو ظاھر ٿي ويو ته اھا ڌاڙيلن ۽ بدامني جي آڙ ۾ سنڌ جي ڪچي جي 30 لک ايڪڙ زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ سان گڏوگڏ عام سنڌي ماڻھن کي خوفزدہ ڪري لڏائڻ جي سازش آھي،مظاهري ۾ سڪندر اوٺي، غني عاجز، ضلعي اڳواڻن امام بخش، شعيب شيخ، مجاھد شيخ اعجاز، وڪيلن خليل انصاري، ماجد گبول، مھراڻ ميمڻ،  عطاءُ الله شيخ، نجيب ميربحر، ساگر مشتاق، عمار دايي، شرڻ ڪمار، مريم سنڌي، سڪندر چاچڙ، سلطان سنڌي، صابر سنڌي، اڪبر سنڌي، ذوالفقار پنھور، سانول سنڌي، فرمان سنڌي، ريجھو مل، منظور سنڌي، بچل شر، ياسر واگھي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.