ڌيئرن کي سڀ ڪجه ٻڌائي ڇڏيو آهي، روينا ٽنڊن جا انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن انڪشاف ڪيو آهي ته هن ڌيئرن کي پنهنجي ماضي جي لاڳاپن بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب روينا ٽنڊن هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته منهنجي زندگي ٻارن لاءِ کُليل ڪتاب جهڙي ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته آئون پنهنجين ڌيئرن کي پنهنجي ماضي جي سڀني لاڳاپن بابت ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جيئن کين خبر پوي ته مون بابت ڇا ڇا لکجي چڪو آهي.
سندس چوڻ هو ته آئون ڌيئرن کي رڳو ان ڪري ٻڌايو ته جيئن هو مون بابت اڄ نه ته سڀاڻي سڀ ڪجهه پڙهي وٺندا پر ٿي سگھي ٿو ته هو ڪجهه ٻيو به پڙهن.
روينا ٽنڊن جو چوڻ هو ته اوهان کي ته خبر آهي ته 90 جي ڏهاڪي جي صحافت ڪيئن ٿئي، زرد صحافي عروج تي هئي، بدگماني هئي، اخلاق ۽ ايماندار نه هئي.
اداڪارا اهو به چيو ته سوشل ميڊيا جي طاقت جي ڪري هاڻ صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، هاڻ اسان پنهنجون ڪهاڻيون پيش ڪري سگھون ٿا جڏهن ته ماضي ۾ اسان ايڊٽرز جي رحم تي هئاسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.