پي سي بي پليئر ويلفيئر اسڪيم جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايبٽ آباد اسٽيڊيم ۾ انٽرنيشنل ميچون ڪرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
آچر ڏينهن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو ٽيون اجلاس چيئرمين ذڪا اشرف جي صدارت ۾ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٿيو، ڪميٽي جي 10 مان هڪ ميمبر مصطفيٰ رمدي آن لائن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
ڪميٽي جي ميمبرن کي مينز ڪرڪيٽرن کي ڏنل سينٽرل ڪانٽريڪٽس بابت به تفصيل سان ٻڌايو ويو، ڪميٽي ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪندي ذڪا اشرف جي ڪوششن کي ساراهيو.
مئنيجمينٽ ڪميٽي ميمبرن اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي راند لاءِ خدمتن کي احترام جي نظر سان ڏسندي پليئر ويلفيئر اسڪيم جي بجيٽ ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي گڏيل طور منظوري ڏني.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گرمين ۾ عالمي ڪرڪيٽ ناهي ٿيندي، تنهن ڪري ايبٽ آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کي هڪ اهڙي سينٽر طور ڏسي سگهجي ٿو، جتي مستقبل ۾ عالمي ميچون ڪرائي سگهجن ٿيون.
ان حوالي سان ايبٽ آباد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ نئين پويلين جي تعمير بابت پلان اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي سڀني ميمبرن ساراهيو ۽ ان جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس کي انفرا اسٽرڪچر ڊپارٽمينٽ طرفان به مختلف تجويزن جي سلسلي ۾ اپ ڊيٽ ڪيو ويو، جن ۾ سڀني اسٽيڊيمز ۾ سولر پئنل لڳائڻ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.