ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ ترجمان واضح ڪيو آهي ته نيٽ ورڪ جو ٽن مهينن جو جائزو مڪمل آهي ۽ لوڊشيڊنگ شيڊيول ۾ وڏي تبديلي ناهي ڪئي وئي.
ترجمان موجب نيٽ ورڪ جو مجموعي طور تي 71 سيڪڙو حصو لوڊشيڊنگ کان آجو آهي، جڏهن ته 29 سيڪڙو نيٽ ورڪ ۾ بجلي بلن جي وصولين جي بنياد تي دورانيو 6 کان 10 ڪلاڪن تائين محدود آهي.
ترجمان ٻڌايو ته ٽن مهينن جي جائزي ۾ انفرادي طور فيڊرن ۾ لاها چاڙها ڏٺا ويا پر مجموعي صورتحال ۾ وڏي تبديلي ناهي، ترميم ٿيل شيڊيول ويب سائيٽ ۽ ڪي اي لائيو ايپ تي به موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جو دارومدار چوري ۽ عدم ادائيگي جي شرح تي هوندو آهي، ان ۾ گهٽتائي سان بجلي فراهمي ۾ بهتري ٿيندي آهي، عملو مستقل چوري جي روڪٿام لاءِ سرگرم آهي.
You might also like