ترڪيه کي يورپي يونين مان ڪو به آسرو ناهي

انقره (ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ترڪيه کي يورپي يونين مان ڪي به اميدون ناهن.
پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اردوان جو چوڻ هو ته اڄ انقره ۾ دهشتگردي ڪندڙ ناڪام ٿي ويا، پوليس جي بروقت ڪارروائي سان حملو ڪندڙ مارجي ويو، شهر ۾ دهشتگردي جي اها آخري لهر آهي، ترڪيه دهشتگردي جي خلاف ڪوششون جاري رکندو، دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگھن.
ترڪ صدر جو چوڻ هو ته پارلياماني سيشن لاءِ نئون آئين ترجيح آهي، ترڪيه مهانگائي خلاف ڪوششون جاري رکندو، ترڪيه جي ترقي لاءِ گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي، هاڻي اسان اهڙي ملڪ ۾ نٿا رهون جتي پارليامان ختم ڪري بغاوت ڪئي وڃي، اسان جي ذميواري آهي ته شهري نئين آئين لاءِ ڪم ڪن.
هن چيو ته يورپي يونين پنهنجون غلطيون خاص ڪري ويزا جي معاملن ۾ غلطيون درست نه ڪندو ته يورپي يونين اسان مان ڪنهن به قسم جي اميد جو حق وڃائي ويهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.