راڄوخاناڻي ((نمائيندو عوامي آواز)) راڄوخاناڻي ڀرسان ڳوٺ جميل ڪمبوهه ۾ ملوي استاد پاران 13 ورهين جي نينگر سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
نينگر جي پيءُ افتخار احمد آرائين جي فرياد تي جوابدار مولوي اياز خاصخيلي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
نينگر کي ميڊيڪل جي لاءِ راجوخاناڻي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو
ڊاڪٽر شنڪر جو چوڻ هو ته بدفعلي وارو واقعو ٻه ڏينھن پراڻو آھي ۽ ڪيترائي ڀيرا بدفعلي جو شڪ آھي، جزا ليبارٽري اماڻيا ويا آهن رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ خبر پئجي سگھندي جڏهن ته جوابدار کان به جاچ ڪري رهيا آهيون.