پيٽرول سستو ٿيڻ کان اڳ ايل پي جي مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي جو اگهه وڌائي ڇڏيو.
اوگر طرفان ايل پي جي 20 رپيا 86 پئسا في ڪلو مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
ايل پي جي جو گهريلو سئليندڙ 246 رپيا 15 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايل پي جي جي نئين قيمت 260 رپيا 98 پئسا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي.
ايل پي جي جي گهريلو سئلينڊر جي نئين قيمت 3079 رپيا 64 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.