فاطما ڪيس، سمورو وڊيو رڪارڊ ۽ موبائيل ڊيٽا ڊليٽ ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) راڻيپور جي پيراڻي حويلي ۾ ڏاڍائي ۽ تشدد ۾ مارجي ويل فاطما ڦرڙو جي قتل ڪيس ۾ پوليس کي ڊجيٽل فارنزڪ مان شاهديون نه ملڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.

ذريعن جاچ آفيسر جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته اسد شاهه جي حويلي مان هٿ ڪيل ڊجيٽل وڊيو رڪارڊ جي فارنزڪ رپورٽ ملي وئي آهي.

جاچ آفيسر موجب ڊي وي آر پوليس کي هٿ اچڻ کان اڳ ئي ان جي ڊيٽا ڊليٽ ڪئي وئي هئي، ڊي وي آر مان ڊليٽ ڪيل ڊيٽا کي ريڪور نٿو ڪري سگهجي.

پوليس موجب جوابدار اسد شاهه پنهنجي ليپ ٽاپ مان به سمورو رڪارڊ ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته اسد شاهه موبائيل فون جو بار بار غلط ڪوڊ ٻڌايو جنهن سبب فون مڪمل لاڪ ٿي ويو آهي.

جاچ آفيسر پاران اهو خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته بار بار پن ڪوڊ کولڻ جي ڪوشش سبب موبائيل جو سمورو رڪارڊ ضايع ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.