”عمران خان تي ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين جي وڪيل نعيم حيدر پنجوٿا دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان کي ذهني ٽارچر ڏنو پيو وڃي.
پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي وڪيل نعيم پنجوٿا جو وڊيو پيغام شيئر ڪيو.
وڊيو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل، عمران خان جي حوالي سان ڪيتريون ئي دعوائون ڪيون.
هن چيو ته تحريڪ انصاف چيئرمين تي ذهني ٽارچر ڪيو پيو وڃي، سندس حياتي کي سخت خطرو آهي.
نعيم پنجوٿا وڌيڪ چيو ته عمران خان کي هڪ انتهائي تنگ ۽ اونداهي سيل ۾ رکيو ويو آهي، جنهن ۾ واڪ ڪرڻ جي گنجائش به موجود ناهي.
سندس موجب عمران خان کي سي ڪلاس ۾ رکيو ويو، ننڍي سيل ۾ قيد ڪيو ويو، جتي چرپر تي پابندي آهي.
وڪيل چيو ته کاڌي جي حوالي سان اسان جي جيڪا درخواست آهي اها به دير جو شڪار آهي، محفوظ کاڌي جي حوالي سان اسان جي ڳڻتي برقرار آهي.
هن مطالبو ڪيو ته ان ڪئميرا بدران اوپن ٽرائل ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته خدشن جي حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.