قمبر ۾ ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل الطاف مغيري جا جوابدار سندس دوست نڪتا

قمبر (نمائيندو عوامي آواز) قمبر ۾ 25 آگسٽ تي ڦورن هٿان مارجي ويل نوجوان الطاف مغيري جا قاتل سندس دوست نڪتا، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ آصف رضا بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته مهينو اڳ صدر ٿاڻي جي حد وڳڻ روڊ تي موٽر سائيڪل ڦر واقعي ۾ مزاحمت دوران قتل ٿي ويل نوجوان الطاف حسين مغيري جا قاتل سندس دوست نڪتا آهن جن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
آصف رضا بلوچ ٻڌايو ته جوابدار نادر حسين ۽ تسليم مغيري اعتراف ڪيو آهي ته هو مقتول جي ترقي برداشت نه ڪندا هئا تنهنڪري هنن کيس قتل ڪيو.
ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي ۾ استعمال ٿيل پسٽل سميت جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي جوابدارن کان وڌيڪ جاچ ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.