لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ پکين کي اُڃ ۽ بُک تي رکندڙ شهري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
لاهور جي علائقي ٽائون شپ ۾ پوليس اينيمل ريسڪيو سينٽر جانورن تي بي رحمي جي قانون تحت پهريون ڀيرو شهري خلاف ڪيس داخل ڪيو، سينٽر تشدد روڪ ايڪت 1890 تحت ڪيس داخل ڪيو.
اينيمل ريسڪيو سينٽر پوليس انچارج عروسه حسين جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته شڪيل نالي شخص ڇت تي معصوم پکي رکيا هئا، جيڪي بُک ۽ اُڃ سبب بي هال هئا، ڇت تي مئل جانورن جون هڏيون ۽ باقيات به موجود هئي.
پوليس شهري جي قبضي مان 8 چڪور، 12 ڪڪڙيون ۽ 2 بدڪون تحويل ۾ وٺي انهن کي پوليس اينيمل ريسڪيو سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته جانورن ۽ پکين تي تشدد، انهن کي بک ۽ اڃ تي رکڻ ۽ انهن سان بي رحمي ڪرڻ قانوني طور ڏوهه آهي.
You might also like