ڪار کي ڇهڻ تان ايس ايڇ او جو درويش ٻالڪ کي گهلي گهلي تشدد، وڊيو ڏسو

جوهي: ڪار کي ڇهڻ تان ايس ايڇ او جو درويش ٻالڪ تي تشدد، وڊيو ڏسو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوهي ۾ پوليس عملدار ڪار کي هٿ لائڻ تان درويش ٻالڪ مٿان ڇتو ٿي پيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبيدار نور محمد گوپانگ ڳالهائڻ جي سگهه کان محروم درويش ٻالڪ کي ميدان ۾ گهلي گهلي ماريندو رهيو.

ٻارڙو محمد نواز لنڊ ميدان ۾ راند ڪري رهيو هو ته ڪار کي هٿ لڳائڻ جي کيس سزا ڏني وئي.

ذريعن موجب ايس ايڇ او کيس چماٽون هڻي ڳاڙهو ڪري ڇڏيون ۽ لتون ۽ مڪون به هنيون.

وائرل وڊيو ۾ معصوم ٻالڪ جا چپ سڳل نظر اچن ٿا، ذريعن جو چوڻ آهي ته تشدد سبب ٻالڪ کان پيشاب به وهي ويو هو.

معصوم نينگر کي رڳو ڪار کي ڇهڻ جي سزا ڏني وئي جيڪا وڊيو پڻ سامهون آئي آهي.

سماجي اڳواڻن جو مطالبو آهي ته جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري کيس سزا ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.