قمبر-شهدادڪوٽ ۾ ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروائي، 16 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ

قمبر-شهدادڪوٽ (ويب ڊيسڪ) انتظاميا طرفان ذخيرا اندوزن خلاف ڪارروايون جاري آهن، انتظاميا ذخيرو ڪيل 16 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون هٿ ڪري ٽن رائيس ملز کي سيل ڪري ڇڏيو.
اي سي قمبر شهدادڪوٽ ۽ مختيارڪار خانگي گودامن تي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جون 16 هزار ٻوريون هٿ ڪري ورتيون ۽ ذخيرا اندوزي تي ٽن خانگي رائيس ملز کي سيل ڪيو ويو.
سيل ڪيل رائيس ملن ۾ ايوب رائيس ملز، سبحان رائيس ملز ۽ امام رضا رائيس ملز شامل آهي.
ان موقعي تي اي سي ۽ مختيار جو چوڻ هو ته ذخيرا اندوزن خلاف ڪاررواين جو سلسلو جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.