ايشين گيمز هاڪي: ڀارت جي پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست

هانگزو ( ويب ڊيسڪ ) ايشين گيمز جي هاڪي مقابلن ۾ ڀارت پاڪستان کي ٻن جي مقابلي ڏهن گولن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
چين جي شهر هانگزو ۾ جاري 19 هين ايشين گيمز ۾ پاڪ-ڀارت هاڪي ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي جتي ڀارتي هاڪي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پاڪستان هاڪي ٽيم کي 2 جي مقابلي ۾ 10 گولن تان هارائي ڇڏيو.
ڀارت طرفان ڪپتان هرمن پريت سنگهه هيٽ ٽرڪ اسڪور ڪندي چار گول ڪيا، ورون ڪمار ٻه جڏهن ته شمشير، لاليت ڪمار، سوميٿ ۽ منديپ هڪ، هڪ گول ڪيو.
پاڪستان طرفان رانا وحيد ۽ صفيان خان هڪ هڪ گول ڪيو.
ڀارت پهريون ڀيرو پاڪستان خلاف ڏهه گول ڪيا آهن، پاڪستان خلاف ڀارت جي اِها سڀ کان وڏي فتح آهي.
پاڪستان ۽ جپان وچ ۾ ميچ ڪوارٽر فائنل جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، پاڪستان جپان خلاف ميچ برابر ڪري به سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهي ٿو جڏهن ته جپان کي سيمي فائنل لاءِ لازمي فتح گهربل آهي.
پاڪستان ۽ جپان وچ ۾ ميچ ٻه آڪٽوبر تي شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.