سعودي عرب ۾ عمارت کي باهه لڳي وئي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي راڄڌاني جي العلياءَ روڊ تي موجود هوٽل جي عمارت ۾ اوچتو باهه لڳي وئي.

باهه ڏسندي ئي ڏسندي سڄي عمارت کي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي ڇڏيو.

باهه لڳڻ کان پوءِ هوٽل جي عمارت ۾ موجود ماڻهن کي ڪڍيو ويو.

سعودي ريسڪيو اداري دفاع المدني جي گاڏين باهه تي ضابطو آندو.

خوش قسمتي سان ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن جڏهن ته اڃا ڪولنگ جو عمل جاري آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته باهه لڳڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ تي جاچ ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.