پاڪستان مان ماڻهن کي پِنڻ لاءِ پئسو وٺي سعودي عرب موڪلڻ جو انڪشاف

ملتان (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ملتان پنڻ لاءِ ماڻهن کي سعودي عرب موڪليندڙ هڪ ايجنٽ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو، گرفتار جوابدار پنهنجي ٻن گهروارين کي به پينو بڻائي سعودي عرب موڪلڻ چاهيو ۽ انهن کان ٻه – ٻه لک رپيا وصول به ڪيا هئا.
ايف آءِ آر موجب گرفتار ايجنٽ عمران جي گهرواري هير ۽ شريفان کي ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ شامل ٻين 9 عورتن ۽ هڪ ٻار کي به گهر موڪليو ويو آهي.
ڪيس ۾ ٽريول ايجنسي ڪسووال جو مالڪ حاجي انوار ۽ عمري جي ويزا لڳائيندڙ غلام نازڪ به شامل آهي، ٻنهي مفرور جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
ڪيس ۾ شامل ٽي ايجنٽ نورو، انوار ۽ طاهر عطار رنڌاوا سعودي عرب ۾ آهن، جوابدارن پنڻ لاءِ سعودي عرب وڃڻ جي خواهشمندن کان ٽڪيٽ، رهائش ۽ کاڌي پيتي لاءِ 3-3 لک وصول ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.