مختلف ملڪن پاران مستونگ واقعي جي مذمت

آمريڪا، ايران، گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) ۽ ڪويت سوڌو مختلف ملڪن مستونگ ۽ هنگو ۾ ٿيل آپگهات ڌماڪن جي مذمت ڪندي پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان ۾ آپگهات ڌماڪن جي مذمت ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته حملن ۾ نمازي ۽ عام ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا آهن.
پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوچ چيو آهي ته اڄ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي ٿي، نازڪ صورتحال ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهيون.
ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو مقصد مسلمانن ۾ فرق پيدا ڪرڻ آهي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار لاءِ تيار آهيون.
گڏيل عرب امارتن طرفان به دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪندي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته ڪوين جي امير ۽ وزيراعظم طرفان به پاڪستان ۾ آپگهاتي حملن ۽ دهشتگردي جي واقعن جي مذمت ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.