وڊيو: ڀارتي ناري افتخار احمد جي ديواني، شادي جي آڇ ڪري ڇڏيائين

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ٽيمون وارم اَپ ميچز کيڏي رهيون آهن، جڏهن ته مداح پنهنجي پسنديدا رانديگرن جا پوسٽر هٿن ۾ کنيو کين سپورٽ ڪرڻ اچي رهيا آهن.

گذريل ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين وارم اَپ ميچ کيڏي جنهن ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏني، نيوزيلينڊ پاڪستان طرفان مليل 346 رنسن جو هدف پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

پاڪستان ٽيم پنهنجي ٻي وارم اَپ ميچ ٽي آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف کيڏندي جڏهن ته پنهنجي ورلڊ ڪپ مشن جي شروعات ڇهه آڪٽوبر کان نيڌرلينڊ خلاف شيڊيول ميچ کان ڪندي.

مداح پنهنجي فيورٽ رانديگرن کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ موجود هوندا، ڀارت ۾ به قومي ڪرڪيٽرن جي فين فالوونگ تمام گهڻي آهي ۽ شوقين بابر اعظم، شاهين آفريدي، محمد رضوان سميت ٻين کي پسند ڪندا آهن.

اهڙن ئي مداحن منجهان هڪ ڀارتي پنجاب سان واسطو رکندڙ ناري قومي ڪرڪيٽر افتخار احمد جي ديواني ٿي وئي آهي جنهن جون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن ۽ هن قومي ٽيم جي آل رائونڊر سنا شادي جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

يوٽيوبر ڏنل انٽرويو ۾ ڀارتي ناري افتخار احمد جو پوسٽر هٿ ۾ کنيو نظر اچي رهي آهي، جڏهن کائنس پاڪستاني ڪرڪيٽر سان شادي بابت سوال ڪيو ويو ته ناري بنا ڪنهن هٻڪ جي افتخار احمد جو نالو ورتو.

ناري اِهو به چيو ته هو ڀلي دنيا لاءِ ” چاچو “ آهي پر منهنجي لاءِ هو منهنجي محبت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.