ڇا جوز بٽلر ورلڊ ڪپ کانپوءِ رٽائر ٿي رهيو آهي ؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر ورلڊ ڪپ کانپوءِ رٽائرمينٽ جي رٿابندي بابت ٻڌائي ڇڏيو.

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽرجوز بٽلر چيو ته اڃا اهڙا ڪيئي شعبا آهن جنهن ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکارڻ چاهيان ٿو.

جوز بٽلر 2011 ۾ ڀارت خلاف ٽي ٽوئنٽي ميچ کان عالمي ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي هئي، 12 سالن کانپوءِ سندس شمار موجودا دور جي بهترين وڪيٽ ڪيپر بيٽرن ۾ ٿيندو آهي، جڏهن هن ڀيري جو عالمي ڪپ ۾ پنهنجي قومي ٽيم جي قيادت پڻ ڪري رهيو آهي.

ڀارت خلاف وارم اپ ميچ کان اڳ ڳالهائيندي بٽلر پنهنجي رٽائرمينٽ جي رٿابندي جي حوالي سان به خيالن جو اظهار ڪيو .

هن چيو ته جيتوڻيڪ مون ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پنهنجي 33 هين سالگرهه ملهائي آهي پر ان باوجود انگلينڊ لاءِ وڌيڪ ڪجهه سالن لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو .

هن چيو ته وڌندڙ عمر کي اترو گهڻو محسوس ناهي ڪيو، پنهنجي مُلڪ جي نمائندگي ڪرڻ تمام وڏو اعزاز آهي سمجهان ٿو.

انگلش ڪپتان وڌيڪ چيو ته اڃا به ڪيترائي شعبا آهن جن ۾ پنهنجي صلاحيتن کي وڌائڻ چاهيان ٿو ۽ رانديگر طور ترقي ڪرڻ چاهيان ٿو، هي شيون اوهان جو حوصلو وڌائڻ لاءِ هڪ هاڪاري ذريعو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.