پرويز خٽڪ، عمران خان جا وڌيڪ پول پڌرا ڪري ڇڏيا

ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان نئين پاڪستان جو ڪوڙو نعرو هڻي ملڪ تباهه ڪري ڇڏيو.
ڪوهاٽ ۾ جلسي سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته جيڪڏهن سياسي ماڻهو ايماندار هجن ها ته ملڪ جو هي حال نه هجي ها، اسان ڪيستائين کوکلن نعرن پويان ڀڄندا رهنداسين، سي پيڪ ويسٽرن روٽ مان منظور ڪيو هو، اسان 18 لک ماڻهن کي مفت صحت ڪارڊ ڏنا.
هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين نئين پاڪستان جو ڪوڙو نعرو هنيو ۽ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ٻين سياسي اڳواڻن جيان عمران خان کي به ملڪ کي قرضن ۾ وڪوڙي ڇڏيو، اسان کي ان مان وڏيون اميدون هيون پر اهي رڳو اميدون ئي هيون.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پارليامينٽيرنيز نعرن لاءِ ناهي آئي، اسان ايمانداري سان عوام جي خدمت ڪنداسين، اسان کي عوام لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، ڪرپٽ حڪمران ڪڏهن ملڪ کي ترقي جي رستي تي نٿو آڻي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.