جناح هائوس ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جا 9 اڳواڻ اشتهاري قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ تحريڪ انصاف جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ جي انهن 9 اڳواڻن کي ڄاڻي واڻي روپوش ٿيڻ تي اشتهاري قرار ڏنو ۽ انهن جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت جن اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏنو، انهن ۾ حماد اظهر، فرخ حبيب، مراد سعيد، اعظم سواتي، علي امين گنڊاپور، ميان اسلم اقبال، زبير نيازي، ڪرامت کوکر ۽ عندليب عباس شامل آهن.
انهن اڳواڻن خلاف سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي، ان کان اڳ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.