ڀارتي ڪرڪيٽر پِچ تي ئي دم ڏئي ڇڏيو

سعودي عرب ۾ ڀارت سان تعلق رکندڙ ڪرڪيٽر بيٽنگ ڪندي پِچ تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪرڪيٽر جي سڃاڻپ محمد عاطف خان جي نالي سان ٿي جنهن جو تعلق حيدرآباد دکن جي علائقي مراد نگر سان ٻڌايو پيو وڃي.

الخبر جي علائقي رک جي گرائونڊ ۾ ميچ جاري هئي جتي محمد عاطف خان بيٽنگ ڪري رهيو هو، راند دوران اوچتو کيس سيني ۾ سور محسوس ٿيو ۽ هو پِچ تي ڪِري پيو.

52 ورهين جي ڪرڪيٽر کي فوري اسپتال ويجهي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيائين، فوتي هڪ بيواهه ۽ ٽي بار سوڳوار ڇڏيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.