ذڪاءَ اشرف ڪپتان ۽ ڪوچنگ اسٽاف تبديل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پي سي بي مئنيجمينٽ ڪيمٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف چيو آهي ته ڪپتان ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي مستقبل جو فيصلو عالمي ڪپ کانپوءِ ڪيو ويندو.

نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پي سي بي چيئرمين ذڪاءَ اشرف چيو ته اميد آهي ته پاڪستاني ٽيم عالمي ڪپ ۾ واپسي ڪندي، ٽيم ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڀارت پهتي آهي، ڪنڊيشنز کي سمجهڻ ۾ ٿورو وقت لڳندو.

ذڪاءَ اشرف چيو ته وارم اَپ ميچ ۾ ٽيم جي تمام بهترين رانديگرن کي آرام ڏنو ويو، پريڪٽس ميچن ۾ پرفارم نه ڪرڻ واريون ٽيمون واپسي ڪنديون آهن، اسان وٽ بابر اعظم، محمد رضوان ۽ شاهين جهڙا اسٽار رانديگر موجود آهن.

هن چيو ته محمد يوسف وڏو نالو آهي سندس پاڪستان لاءِ لازوال خدمتون آهن پر مون وٽ آپشن نه هيو جيڪي ڪوچز مليا انهن سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو.

سندس چوڻ هو ته مڪي آرٿر کي نجم سيٺي جي دور ۾ رکيو ويو هو جيڪڏهن کيس هٽايو ته پي سي بي جي بدنامي ٿيندي.

ذڪاءَ اشرف جو چوڻ هو ته مڪي آرٿر واعدو ڪيو هو ته هو عالمي ڪپ ۾ ٽيم سان گڏ رهندو، ڪپتان ۽ ڪوچنگ جي تبديلي جو فيصلو عالمي ڪپ کانپوءِ ڪنداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف چيو ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ سندس ڪو ڪردار نه آهي، رانديگرن جي ڪيٽيگري پرفارمنسز سان مشروط آهي، جيڪو پاڪستان لاءِ بهتر هوندو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.