سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي ڏوهي قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ جو ردعمل اچي ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سائفر جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي جمع ڪرايل چالان کي رد ڪندي چيو آهي ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي خلاف جمع ڪرايل چالان سائفر جي جعلي ڪيس جيان بي معنيٰ آهي.
پي ٽي آءِ ترجمان موجب اها حقيقت آهي ته سائفر پنهنجي اصل حالت ۾ اڄ به پرڏيهي آفيس ۾ موجود آهي، ان جي موجودگي اڳوڻي وزيراعظم تي لڳايل الزامن کي بي بنياد ثابت ڪري ٿي، سائفر کي وفاقي ڪابينا پنهنجي اختيارن تحت ڊي ڪلاسيفاءِ ڪيو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ کي لاڳو نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته اهو ڪيس پنهنجو موت پاڻ مري چڪو آهي.
ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ ڪيترائي ڀيرا سائفر معاملي جي آزاداڻي ۽ اڻ ڌري جاچ جو مطالبو ڪيو، چيف جسٽس ۽ صدر کي به خط لکيا ويا پر ڪا اڳڀرائي نه ٿي، تنهن ڪري انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ سائفر جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.