ڪهڙو پاڪستاني بالر ورلڊ ڪپ ۾ خطرناڪ هوندو؟ اسٽين ٻڌائي ڇڏيو

ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڊيل اسٽين آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پنج پسنديدا بالرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.

ڊيل اسٽين ڀارت جي محمد سراج، ڏکڻ آفريڪا جي ڪاگيسو ربادا ۽ پاڪستان جي شاهين شاهه آفريدي کي عالمي ڪپ لاءِ پنهنجو پسنديدا بالر قرار ڏنو.

ڊيل اسٽين نيوزيلينڊ جي ٽرينٽ بولٽ ۽ انگلينڊ جي مارڪ ووڊ کي به ورلڊ ڪپ جي بهترين بالرن جي فهرست ۾ شامل ڪيو.

ڊيل اسٽين چيو ته شاهين آفريدي خلاف روهت شرما ڌيان سان کيڏندو، مارڪ ووٽ، شاهين، ٽرينٽ بولٽ،محمد سراج ۽ ڪاگيسو ربادا عالمي ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.