ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ننڍي عمر واري اداڪارا عينا آصف چيو آهي ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته ريٿڪ روشن سندس پيءُ کان به وڏي عمر جو آهي پر هن جي خواهش آهي ته هوءَ ريٿڪ روشن سان گڏ ڪم ڪري.
اداڪارا عينا آصف تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز سميت ٻين معاملن تي ڳالهايو.
عينا آصف پوڊ ڪاسٽ ۾ بهترين اداڪارن بابت ڳالهائيندي پهرين نمبر تي احد رضا مير کي رکيو ۽ چيو ته هو کيس ذاتي طور تي به پسند ڪندي آهي.
اداڪارا ٻين نمبر تي بلال عباس جڏهن ته ٽين نمبر تي وهاج علي کي رکيو.
بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي سوال تي اداڪارا عينا آصف مرڪندي چيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ کان به وڏي عمر جي ريٿڪ روشن سان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيندي.
سندس چوڻ هو ته مون کي خبر آهي ته ريٿڪ روشن منهنجي پيءُ کان به وڏي عمر جو آهي پر منهنجي خواهش آهي آئون هن سان گڏ اسڪرين تي ڪم ڪيان ۽ کيس ائين ڪرڻ سان خوشي ٿيندي.
اداڪارا موجب ريٿڪ روشن کيس ننڍپڻ کان ئي پسند آهي.