ليگي سينيٽر جي درخواست تي پي ٽي آءِ جي وڪيل خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر افنان الله جي درخواست تي پي ٽي آءِ جي وڪيل شير افضل مروت خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب سينيٽر افنان الله پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شير افضل مروت خلاف ڪيس جي درخواست ڏني، سندس درخواست تي آبپارا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نجي ٽي وي شو دوران ليگي سينيٽر ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل ۾ ڏند چڪ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ ٻئي هٿين پئجي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.