مستونگ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 59 ٿي ويو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل ڌماڪي جا وڌيڪ ٻه زخمي دم ٽوڙي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 59 ٿي ويو، جڏهن ته حڪومت صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
سول اسپتال جي ترجمان موجب مستونگ ڌماڪي جا وڌيڪ 7 زخمي فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ شهيدن جو مجموعي انگ 59 ٿي ويو آهي.
هوڏانهن مستونگ ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي ۾ اڻڄاتل حملي آورن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
مستونگ ڌماڪي تي صوبائي حڪومت 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سرڪاري عمارتن تي پرچم جهڪيل رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.