ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) ٽنڊي الهيار ۾ بجلي جي تارن ۾ وچڙڻ سبب گاهه سان ڀريل ٽرڪ تي ويٺل ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٽنڊي الهيار ۾ حيدرآباد باءِ پاس تي گاهه سان ڀريل ٽرڪ تي ويٺل بجلي جي تارن ۾ وچڙي پيا، حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
واقعي تي اطلاع تي پوليس پهچي فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، ٽرڪ تي ويٺل سمورا ماڻهو گاهه کڻي ڪراچي وڃي رهيا هئا.
Next Post
You might also like