غيرقانوني افغانين کي واپس موڪلڻ جو پلان تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غيرقانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ لاءِ پلان تيار ڪيو ويو آهي، کين هڪ مهيني جي ڊيد لائن ڏني وئي آهي.

ڊيڊ لائن کانپوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني ڊالرن ۾ غير قانوني واپار ذريعي پاڪستاني معيشت کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوث آهن، اڪثر غير قانوني ماڻهو ڏوهاري سرگرمين ۽ اسمگلنگ ۾ به ملوث آهن.

رپورٽ موجب غيرقانوني پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ کين ملڪ بدر ڪيو ويندو.

گذريل ڏينهن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو هو ته جن افغان پناهگيرن وٽ ويزا يا دستاويز نه آهن انهن کي فوري طور واپس موڪليو ويندو. ڪجهه ماڻهن هتي شناختي ڪارڊ ٺهرايا آهن، اهڙن ماڻهن جي نشاندهي لاءِ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني به چيو ته افغان پناهگيرن سميت سمورن پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پاڪستان مان غير قانوني پرڏيهين کي واپس سندن ملڪن ڏانهن موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.